پرو چانڊيو

پرو چانڊيو (فلم): هيءَ رنگين سنڌي فلم 18 سيپٽمبر 1987ع تي بلونا فلمز پروجيڪٽ رليز ڪئي. هن فلم جو هدايتڪار شاهه اسد، پروڊيوسر مظفر حسين ۽ موسيقار فيروز گل هئا. فلم ۾ منصور بلوچ، ريٽا، نور محمد لاشاري، مشتاق چنگيزي، شهناز اڪمل، شهزادي لعل ڪمار، انور سولنگي، انجمن، طالش ۽ سپنا اداڪاري ڪئي. هيءَ فلم نشين سئنيما ڪراچي، ڪوهنور سئنيما حيدرآباد، پيراڊائز سئنيما سکر، قلو پطره سئنيما لاڙڪاڻي، تاج محل سئنيما دادو، ڪاڪ محل سئنيما موري، شمس سئنيما نوشهري فيروز، تصوير محل ميرپورخاص، ريڪس شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم، سهڻي سئنيما خيرپور ناٿن شاهه، رشنا ميلوڊي سئنيما نوابشاهه، فيض سئنيما شهدادپور، ڪيپري سئنيما ٽنڊي الهيار ۾ پردي تي پيش ٿي. هن فلم ۾ پرو ڌاڙيل جو ڪردار منصور بلوچ ڪيو. هي فلم پنهنجي وقت جي نهايت ئي مقبول فلم ثابت ٿي. هن فلم ۾ ڌاڙيل پرو چانڊئي جي ڌاڙيل ٿيڻ پويان پوليس ۽ وڏيرن جي ڪردار کي وائکو ڪيو ويو آهي.


لفظ پرو چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو